شڪست ڪتاب

شڪست (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ ليکڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ پنج باب آهن. ٻئي حصي ۾ 3 باب ڏنل آهن، جڏهن ته ڪتاب جي ٽئين حصي ‘نصيب ڳوليندڙ ماڻهو’ ۾ 2 باب شامل آهن.
ڪرائون سائيز جي 64 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب بلئوٽڪسي پريس بنڌو آشرم، حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت هڪ آنو آهي ۽ سال ڄاڻايل نه آهي. هي ڪتاب ساهت نمبر سلسلي جو 14 ڪتاب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو